ڪشمير، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي مختلف هنڌن تي چوماسي جي برسات ٿي آهي.
صوابي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وسڪاري سبب ندي نالن ۾ چاڙهه اچي وئي، هيٺيان وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو.
مظفر آباد، ڌير ڪوٽ ۽ باغ ۾ به برسات پئي آهي، لاهور ۾ به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، جنهنڪري موسم خوشگوار ٿي وئي آهي.
موسميات کاتي موجب بلوچستان جي اڪثر ضلعن ۾ موسم گرم ۽ سخت رهندي پر زوب، شيراني، موسيٰ خيل، بارکان، ڪوهلو، لورالائي، سبي، هرنائي، زيارت، ڪوئيٽا، نصيرآباد ۾ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب ڊيرا بگٽي، جعفرآباد ۾ به برسات پوندي، قلات، خضدار، لسٻيلا، آواران، ڪيچ ۽ پنجگور ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي….