تازه ترين

خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين جيڪڏهن صوبي جون حالتون ٺيڪ نٿو ڪري سگهي ته استعيفيٰ ڏي. فيصل ڪريم چيو ته وڏي وزير چوي ٿو ته هو گورنر جي ڪري ذهني مريض بڻجي ويو آهي انڪري کيس هرجاڻي جو نوٽيس موڪليو، هو وڏي وزير کي آڇ ڪري ٿو ته سنڌ اچي جتي سندس ذهني مرض جو علاج مفت ۾ ٿيندو، گورنر جو چوڻ هو ته عزم استحڪام آپريشن لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي آن بورڊ وٺڻ گهرجي ها، ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ وڏي وزير گنڊاپور آپريشن تي اختلاف نه ڪيو، جيڪڏهن کيس اختلاف هئا ته هو اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري هليو وڃي ها. هن چيو ته ڪي پي ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، هو به آپريشن نٿا چاهين پر امن تي ڪا به سياست نه ٿيندي آپريشن کانسواءِ صورتحال بهتر ڪرڻ جو ڪو ٻيو آپشن آهي ته ٻڌايو وڃي….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
32.7 ° C
32.7 °
32.7 °
25 %
4.8kmh
4 %
خميس
33 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
29 °
آچر
32 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون