ڪلوئي ۾ مليريا وبا جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي، علائقي ۾ 12سئو 14 مليريا جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جڏهن ته ٻن ڏينهن ۾ 2 ماڻهو مليريا وگهي فوت ٿي ويا آهن.
ڳوٺ صديق دل ۾ مليريا وگهي مطلب دل ۽ ڳوٺ عرفان فارم ۾ ڦلو ڀيل فوت ٿي چڪا آهن.
علائقي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي شهر ۽ ڀرپاسي مڇرمار اسپري ڪرايو وڃي.