تازه ترين

سائفر ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت سائفر ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.

تحريڪ انصاف چيئرمين خلاف سائفر ڪيس جي ٻڌڻي اٽڪ جيل ۾ ٿي.

آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت جي جج ابو الحسنات ذوالقرنين ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران تحريڪ انصاف چيئرمين کي عدالت جي سامهون پيش ڪيو ويو.

عدالت حاضري لڳائڻ بعد پي ٽي آءِ چيئرمين جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 13 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.

ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ چيئرمين جي ليگل ٽيم ۾ شامل سلمان صفدر، انتظار پنجوٿا ۽ ٻيا پيش ٿيا.

تحريڪ انصاف جي ليگل ٽيم طرفان ضمانت منظور ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي.

وڪيلن موقف اختيار ڪيو ته تحريڪ انصاف چيئرمين خلاف آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جو ڪيس نٿو ٺهي، سياسي انتقام لاءِ سائفر ڪيس ٺاهيو ويو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.8 ° C
21.8 °
21.8 °
53 %
1.3kmh
90 %
جمعو
22 °
ڇنڇر
29 °
آچر
31 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون