ڪنهن کي به ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، قانون هٿ ۾ کڻندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي : محسن نقوي

spot_img
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته ڪنهن کي به ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، قانون هٿ ۾ کڻندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. وفاقي گهرو وزير جي صدارت هيٺ امن امان بابت اجلاس ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير جو چوڻ هو ته عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. محسن نقوي جو چوڻ آهي ته احتجاج ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي، پر احتجاج مناسب جڳهه تي ٿيڻ گهرجي، احتجاج سان عوام جي زندگي متاثر نه ٿيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ پهرين  ذميواري آهي، جنهن لاءِ قانون جي عملداري کي يقيني بڻايو ويندو. وفاقي وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته قانون هٿ ۾ کڻندڙن خلاف ڪارروائي  ڪئي ويندي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.7 ° C
18.7 °
18.7 °
14%
1.3m/s
0%
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون