اٽڪ ۾ اسڪول وين تي هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ٻارڙا قتل ۽ پنج زخمي ٿي پيا، صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز طرفان اسڪول وين مٿان فائرنگ تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو.
ڍيري ڪوٽ ۾ هٿياربندن اسڪول وين تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا.
فائرنگ ۾ ٻه ٻارڙا قتل ۽ پنج زخمي ٿي پيا.
اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.
صدر آصف علي زرداري اٽڪ ۾ اسڪول وين تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته معصوم ٻارڙن کي نشانو بڻائڻ انتهائي ظالماڻو ۽ شرمناڪ عمل آهي.
هن چيو ته ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
ٻئي طرف پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز اٽڪ ۾ اسڪول وين تي فائرنگ جي واقعي تي راولپنڊي جي ڪمشنر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
مريم نواز فائرنگ ۾ ٻن ٻارڙن جي قتل ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي زخمين کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.7
°
C
18.7
°
18.7
°
14%
1.3m/s
0%
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°
سُومر
17
°


