تازه ترين

ڪوٽڙي ويجهو نوجوان چاهيندڙ ناري کي گولي هڻڻ بعد پاڻ آپگهات ڪري ڇڏيو

ڪوٽڙي ۾ نوجوان ناريءَ کي گولي هڻي مرڻينگ ڪرڻ بعد پاڻ مٿان به پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو.

 ڳوٺ گل محمد بروهي ۾ نوجوان آصف بروهي ناري گوري ڪولهڻ کي گولي هڻي مرڻينگ ڪرڻ بعد پاڻ مٿان فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي ٿيل ناري ۽ نوجوان جو لاش کڻائي ڪوٽڙي اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته ناري جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کيس حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.

نوجوان آصف جي ڀاءُ سڪندر بروهي ٻڌايو ته هو واقعي واقعي واري هنڌ پهتا ته ناري ۽ نوجوان ٻئي زمين تي پيل هئا ۽ کين گوليون لڳل هيون.

پوليس موجب، ناري جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، سندس حيدرآباد اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي، واقعي جي جاچ ڪئي پئي آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو .

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.6 ° C
26.6 °
26.6 °
32 %
3.6kmh
47 %
آچر
26 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون