- Advertisement -
سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو آهي ته ڪو به ادارو قانون کان مٿانهون ناهي، آفيسر حڪومتي پاليسين تي ڪم ڪندا آهن، الزام لڳڻ تي بابل ڀئي استعيفيٰ پيش ڪئي، لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي سربراهيءَ ۾ ڪميٽي ڪم ڪري پئي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ضياءَ الحسن لنجار چيو ته پرڏيهين تي حملي واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، سي ٽي ڊي ان ڪيس تي ڪم ڪري رهي آهي.
هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب هو رنڊڪون هٽائڻ جو حڪم ڏي ٿو.
ضياءَ الحسن لنجار چيو ته لاڪ اپ ۾ جوابدار جي فوت تي ايس ايس پي خلاف ڪارروائي ٿيندي.
هن چيو ته ڪيس ۾ ايس پي ڪلفٽن جو نالو نه هو، طريقيڪار موجب ڪم ڪيو پيو وڃي، مئجسٽريٽ وٽ شاهديون اچڻ تي کيس جاچ ۾ شامل ڪيو ويندو.
صوبائي وزير چيو ته ايڊيشنل آءِ جي سٺو ڪم ڪري رهيو آهي، آفيسر حڪومتي پاليسيءَ تي ڪم ڪندا آهن.
ضياءَ الحسن لنجار چيوته الزام لڳڻ تي بابل ڀئي استعي……..- Advertisement -
