تازه ترين

ڪي پي وفاق تي لشڪر ڪشي ڪئي ته قانون حرڪت ۾ اچي ويندو:عطا تارڙ

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته ڪي پي وفاق تي لشڪر ڪشي ڪئي ته قانون حرڪت ۾ اچي ويندو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف آمريڪا جو ڪامياب دورو ڪري واپس موٽيو آهي، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس  کي خطاب کي تمام گهڻي موٽ ملي.

هن چيو ته پاڪستان اسرائيلي وزيراعظم جي خطاب جو بائيڪاٽ ڪيو.

سندس چوڻ هو ته اسرائيلي وزيراعظم جي خطاب وقت گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو حال خالي ٿي چڪو هو.

عطا تارڙ چيو ته فلسطيني صدر محمود عباس فلسطين ڪاز لاءِ  پاڪستان جي ڪردار جو اعتراف ڪيو.

هن چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي هاڪاري انداز سان اڳتي وڌي رهي آهي،  پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جنهن جي پاسپورٽ تي لکيل آهي ته  پاسپورٽ اسرائيل کانسواءِ سمورن ملڪن لاءِ ڪارائتو اهي.

سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ مهانگائي گهٽ ٿي آهي ۽ شرح  6 ڏهائي 9 سيڪڙو تي اچي چڪي آهي.

عطا تارڙ چيو ته  عالمي بئنڪ پاڪستان جي معاشي پاليسي جي حمايت ڪئي آهي، ترڪ صدر به چيو ته پاڪستان جي معيشيت بهتر ٿي  آهي.

هن چيو ته دنيا جا ملڪ  پاڪستان جي معاشي پاليسي تي تعريف ڪرڻ تي مجبور آهن.

سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿي،  ڪي پي جي وڏي وزير کي انقلاب آڻڻو آهي ته  تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ آندو وڃي.

عطا تارڙ چيو ته ملڪي معيشيت ۾ بهتري کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سرڪاري وسيلا استعمال ڪري وفاق تي لشڪر ڪشي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
119,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.4 ° C
14.4 °
14.4 °
26 %
2.3kmh
0 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
24 °
آچر
24 °
سُومر
23 °
اڱارو
22 °

تازه ترين خبرون