- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته گار يا گولي مسئلن جو حل ناهي، رياست کي ڪمزور ڪندڙ ڪا به تحريڪ قوم قبول نه ڪندي، پنهنجي عمل سان ثابت ڪيو ته پاڪستان پرامن ملڪ آهي، فتنو پکيڙيندڙن جي خاتمي تائين پاڪ فوج ۽ سڪيورٽي ادارا آپريشن جاري رکندا.
جي ايڇ ڪيو ۾ بچاءِ واري ڏهاڙي جي مک تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ وزيراعظم شهبازشريف خاص مهمان تور شرڪت ڪئي، جي ايڇ ڪيو آمد تي وزيراعظم کي سلامي پيش ڪئي وئي ۽ آرمي چيف سندس آجيان ڪئي.
تقريب کي خطاب ڪندي وزير چيو ته پاڪستان جو سرحدون امن جون سرحدون آهن، قومن جي خوشحاليءَ جي منزل امن سان ملي ٿي، هو امن جا خواهشمند آهن، پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي.
هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قومي اتفاقِ راءِ موجود آهي، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين هو چين سان نه ويهندا.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي حفاظت، ترقي ۽ خوشحالي سڀني جي ذميواري آهي، هو سمورن پاڙيسيرين سان پرامن لاڳاپن جو خواهشمند آهن.
شهبازشريف چيو ته قومن جي ورهاست، رياست کي ڪمزور ڪندي آهي، پاڪستان ڪشميرين ۽ فلسطنين لاءِ آواز اٿاريندو رهندو.
تقريب دوران شهيدن جي آخري خطن ۽ لمحن بابت شهيد جي ڊائري جي نالي سان وڊيو هلائي وئي، جنهن شهيدن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.- Advertisement -
