تازه ترين

گم ٿيل ماڻهن جي بازياب نه ٿيڻ تي عدالت پاران پوليس ۽ ٻين ادارن تي ڪاوڙ

سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت ڪيس ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازياب نه ٿيڻ تي پوليس ۽ ٻين ادارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي صوبائي ٽاسڪ فورس جي سربراهه ۽ جي آءِ ٽي کي طلب ڪري ورتو.

سنڌ هائيڪورٽ ۾ 2013 کان 2023ع تائين گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي.

عدالت پاران گم ٿيل ماڻهن جي بازياب نه ٿيڻ تي پوليس ۽ ٻين ادارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.

جسٽس امجد علي سهتو پوليس کي تنبيهه ڪندي چيو ته اميدون پوريون ڪريو يا ختم ڪريو ڪو هڪ ڪم ڪريو، ڇو گم ٿيل ماڻهن جي گهرڀاتين کي بار بار گهرائي تنگ ڪيو پيو وڃي، هو به صبح کان لکي لکي ٿڪجي پيا آهن.

جسٽس امجد علي سهتو چيو ته پنجن ورهين کان پيرسن جا وارث چڪر ڪاٽي رهيا آهن جيڪڏهن فوت ٿي ويو آهي ته لاش ڏيکاريو وڃي سڀني کي سچ ٻڌائي ڇڏيو ته هي ماڻهو اميد ئي ختم ڪري ڇڏن.

عدالت صوبائي ٽاسڪ فورس جي سربراهه ۽ جي آءِ ٽي کي طلب ڪري ورتو.

عدالت صوبائي گهرو سيڪريٽري کان به رپورٽ طلب ڪري ورتي.

عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي گم ٿيل ماڻهن بابت جي آءِ ٽي جو ٻيهر اجلاس طلب ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 6 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي…..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
120,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
0.6 ° C
0.6 °
0.6 °
33 %
4.5kmh
0 %
خميس
10 °
جمعو
11 °
ڇنڇر
13 °
آچر
14 °
سُومر
12 °

تازه ترين خبرون