تازه ترين

گوادر ۾ وقفي وقفي سان برسات ۽ ڳڙي جو سلسلو جاري، طوفاني برسات سبب گوادر کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو.

- Advertisement -
گوادر ۾ وقفي وقفي سان برسات ۽ ڳڙي جو سلسلو جاري آهي، طوفاني برسات سبب گوادر کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو. گوادر  ۽ ڀرپاسي ۾  ڳڙي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، نگور ۾ برسات سبب ٻنين جو حفاظتي بند ٽٽي پيو، جنهن سبب پاڻي شهر ۾ داخل ٿي ويو. مسلسل برسات سبب اڃا  تائين ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ آهن، شهرين جو چوڻ آهي ته کانئن ڪو پڇڻ وارو ناهي. سول اسپتال آڏو پاڻي بيهڻ سبب مريض پريشانيءَ کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن، متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج طرفان امدادي ڪارروايون ۽ راشن جي ورڇ جاري آهي…… اطلاعات واري نگران صوبائي وزير جان اچڪزئي موجب گوادر کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ بابت نگران وڏي وزير صحيح ڪري ڇڏي آهي. ٻئي پاسي نوڪنڊي جي دلدلي واري علائقي ۾ ڦاٿل گاڏيون ڪڍڻ لاءِ ليويز اهلڪار پهچي ويا. ڪوئيٽا ۾ به برسات سبب روڊن تي پاڻي بيهجي ويو، مستونگ، قلات،   چاغي، قلعه عبدالله ۽ پشين سميت بلوچستان جي ٻين ضلعن ۾ به  برسات سبب ندي نالن ۾ چاڙهه اچي ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
27 ° C
27 °
27 °
42 %
2.8kmh
20 %
اربع
26 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون