- Advertisement -
ڳڙهي ياسين ويجهو ساٿي جو پلاند وٺڻ لاءِ هٿياربندن ڳوٺ تي چڙهائي ڪري جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڇانئجي ويو.
3 ڏينهن اڳ ڪرن ٿاڻي جي حد ۾ گشتي پوليس هٿيارن مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل سعيد عرف لڌو معرفاڻي جي پلاند ۾ سندس ساٿين ڳوٺ تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.
اطلاع ملڻ تي ڳڙهي ياسين، ڪرن، آغا فارم، بڊو ۽ ڳڙهي ياسين سميت مختلف ٿاڻي جي پوليس اي پي سي ساڻ ڪري ڳوٺ پهتي ته هٿياربند فرار ٿي ويا.
رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او آغا فارم اصغر ڪاڪيپوٽي ٻڌايو ته پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوهاري لڌو مارفاڻي جو پلاند وٺڻ لاءِ ڳوٺ تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي آهي، کين شڪ آهي ته سندن ساٿي کي ڳوٺاڻن ماريو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڳوٺاڻا ايندا ته سندن فرياد تي حملي جو ڪيس داخل ڪري هٿياربندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.- Advertisement -
