تازه ترين

رومانوي شاعر احمد فراز جي مداحن کان وڇوڙي کي 16 ورهيه وهامي ويا

- Advertisement -
رومانوي شاعر احمد فراز جي مداحن کان وڇوڙي کي 16 ورهيه وهامي ويا. اردو جي ناليواري شاعر سيد احمد شاهه 14 جنوري 1931ع تي ڪوهاٽ ۾ پيدا ٿيو. احمد فراز کي شاعر ورثي ۾ ملي، هن ٽن ٻولين اردو، فارسي ۽ انگريزي ۾ ايم اي ڪئي. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ احمد فراز تعليم پرائي رهيو هو ته سندس شاعري جو پهريون مجموعو تنها تنها ڇپيو هو. احمد فراز پنهنجي لفظن سان شاعري ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا. ڪيترن ئي ناليوارن فنڪارن احمد فراز جي شاعري کي چار چنڊ لڳايا، مهدي حسن ۽ ميڊم نور جهان به احمد فراز جا غزل ڳائي ڀرپور شهرت ماڻي. ڇهن ڏهاڪن تي ٻڌل ادبي زندگي تي احمد فراز کي ڪيترن ئي اعزازن سان نوازيو ويو، جن ۾ هلال امتياز، ستاره امتياز، هلال پاڪستان ۽ نگار ايوارڊ شامل آهن. احمد فراز جي شعري مجموعن ۾ تنها تنها، جانان جانان، خواب گل پريشان هي، درد آشوب، نابينا شهر ۾ آئينه، بي آواز گلي ڪوچون ۾، شب خون، ميري خواب ريزه ريزه ۽ اي عشق جفا پيشه، شامل آهن. رومانوي شاعر احمد فراز 25 آگسٽ 2008ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو، سندس شاعر اڄ به تازي محسوس ٿيندي آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.9 ° C
20.9 °
20.9 °
45 %
1.8kmh
0 %
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
31 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون