تازه ترين

ڳڙهي ياسين پوليس ٻن شهيد اهلڪارن جي قتل ڪيس ۾ گھربل ٻن مک جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ڳڙهي ياسين پوليس ٻن شهيد اهلڪارن جي قتل ڪيس ۾ گھربل ٻن مک جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي .

20آگسٽ 2023ع تي ڳڙهي ياسين ٿاڻي جي حد ڊکڻ ناڪي وٽ جوابدارن جي فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار موقعي تي ئي شھيد ٿي ويو هو ۽ هڪ زخمي اھلڪار لاڙڪاڻي اسپتال ۾ دم ڏنو هو .

شهيد پوليس اهلڪار داد محمد جعفري ۽ لکمير جعفري جو قتل ڪيس ڳڙهي ياسين ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيو ويو هو.

ڊي ايس پي ڳڙھي عبدالواحد ٻرڙو ۽ ايس ايڇ او ڳڙھي ياسين معشوق شر جي اڳواڻي ۾ پوليس جي ٽيم ڪارروائي ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن ۾ ڪريم داد پٽ نبي داد مهر ۽ امداد ولد محرم مهر شامل آهن .

پوليس موجب، گرفتار جوابدارن جي قبضي مان هڪ ڪلاشنڪوف، هڪ بندوق ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,173FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
20 ° C
20 °
20 °
28 %
0.6kmh
0 %
ڇنڇر
20 °
آچر
27 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون