ڳڙهي ياسين ۾ شهرين طرفان بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
شهرين ۽ جيها برادري طرفان مولا بخش جيهو، شاهزيب ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ انڊس هاءِ وي تي کيرٿر ڪينال پل تي رڪاوٽون رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏيون بيهجي ويون ۽ مسافر پريشان ٿي ويا.
احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني وڌي وئي آهي، چوري، ڦر ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا آهن.
هنن چيو ته هڪ ڏينهن اڳ هٿياربندن هٿيارن جي زور تي آصف جيهو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري ويا هئا.
هنن چيو ته هڪ هفتي اندر جيها برادري جي ماڻهن کان 3 موٽرسائيڪلون ڦر ڪيون ويون آهن.
احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي ۽ ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪيو ته بدامني تي ضابطو آڻي ڦر ٿيل موٽرسائيڪلون واپس ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.