- Advertisement -
آءِ ايم ايف مني بجيٽ آڻڻ لاءِ پاڪستان تي دٻاءَ ۾ اضافو ڪري ڇڏيو، عالمي مالياتي فنڊ جو مشن ايندڙ هفتي پاڪستان جو دورو ڪندو، ورچوئل گڏجاڻين ۾ پاڪستاني اختياريون آءِ ايم ايف کي سڌارن جي پروگرام تي مطمئن نه ڪري سگهيون.
پاڪستان طرفان هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي بعد مني بجيٽ آڻڻ لاءِ دٻاءُ وڌي ويو آهي، مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن ۾ 321 ارب رپين جي ٽيڪس خساري جو امڪان آهي، جنهن بعد آءِ ايم ايف ايندڙ هفتي پنهنجو هنگامي مشن پاڪستان اماڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
آءِ ايم ايف جي اسٽاف ٽيم ناٿن پورٽر جي سربراهيءَ ۾ 11 نومبر کان 15 نومبر تائين معاشي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڪستان جو دورو ڪندي، ٽيم پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف قرض پروگرام جو به جائزو وٺندي.
آءِ ايم ايف ٽيم ايف بي آر طرفان هلندڙ مالي سال جي شروعاتي چئن مهينن دوران جمع ڪيل ٽيڪس ريونيو جي هدف ۾ شارٽ فال جو به جائزو وٺندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف وفد جو اوچتو دورو ڪرڻ جو فيصلو بنيادي طور تي ان سبب ڪيو ويو آهي ته ورچوئل گڏجاڻين ۾ پاڪستاني اختياريون آءِ ايم ايف کي سڌارن جي پروگرام تي مطمئن نه ڪري سگهيون.- Advertisement -
