- Advertisement -
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته چيني شهرين ۽ منصوبن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ پهرين ترجيح آهي، هو ترقي ۽ سڪيورٽي کي مضبوط ڪرڻ جي چيني تصور کان پوري طرح متفق آهن، سي پيڪ منصوبن جي سڪيورٽي لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا ويندا.
اسلام آباد ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ چيني سفير جيانگ زي ڊونگ سان ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران وفاقي گهرو وزير ڪراچي ۾ گارڊ جي فائرنگ ۾ ٻن چيني شهرين جي زخمي ٿيڻ واري واقعي تي افسوس جو اظهار، زخمي چيني شهرين ۽ سندس خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪندي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي واقعي جي تفصيلن ۽ جاچ ۾ اڳڀرائي بابت چيني سفير کي آگاهه ڪيو.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته چيني شهرين ۽ منصوبن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ پهرين ترجيح آهي، هو ترقي ۽ سڪيورٽي کي مضبوط ڪرڻ جي چيني تصور کان پوري طرح متفق آهن، سي پيڪ منصوبن جي سڪيورٽي لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا ويندا.
چيني سفير زي ڊونگ چيو ته گڏيل ڪوششن سان پاڪ چين دوستي مضبوط ٿي رهي آهي ۽ عملي سهڪار ۾ گڏيل اڳڀرائي ٿي آهي، چين ٻه طرفي سڪيورٽي سهڪار کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ ۽ پاڪستاني ادارن جي صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ تيار آهي.- Advertisement -