- Advertisement -
آءِ جي سنڌ پوليس مٽياري ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي ڊيوٽيون ڪندڙ چئن اڳوڻن ايس ايڇ اوز، ٻن پوليس اهلڪارن کي نوڪرين مان فارغ ۽ هڪ ايس ايڇ او کي جبري رٽائر ڪري ڇڏيو.
آءِ جي سنڌ پوليس رفعت مختار، ايس ايس پي اسپيشل برانچ حيدرآباد رينج آصف احمد ٻگهيو جي رپورٽ تي مٽياري ضلعي جي مختلف ٿاڻن نيوسعيدآباد ،مٽياري،هالا تي ڊيوٽيون ڪندڙ چئن اڳوڻن ايس ايڇ اوز انسپيڪٽر غلام حيدر شاهاڻي، انسپيڪٽر شريف کوسو، خادم حسين برهماڻي، آدم ابڙو ۽ ٻن پوليس اهلڪارن وسيم مڱڻهار، ڪانڊيرو جسڪاڻي کي نوڪرين مان فارغ ڪري ڇڏيو.
هڪ ايس ايڇ او ذوالفقار اوڍاڻو کي جبري رٽائر ڪيو ويو آهي.
ايس ايس پي اسپيشل برانچ حيدرآباد رينج آصف احمد ٻگهيو پاران آءِ جي سنڌ کي اماڻيل رپورٽ ۾ڄاڻايو ويو آهي ته ذڪر ڪيل ايس ايڇ اوز ۽پوليس اهلڪار مٽياري جي مشهور منشيات فروشن عبدالرحمان خانزادو، نويد ميمڻ،محمدالدين مجيداڻو ۽ٻين جا مددگا آهن، جن جي آشير واد سان مٽياري ضلعي ۾منشيات وڪرو ٿئي ٿي.
رپورٽ ۾اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته صرف مٽياري ٿاڻي جي 8 لک روپيه منشيات جي منٿلي آهي، ايراني تيل به مٽياري ۾ذڪر ڪيل عملدارن جي سرپرستي ۾وڪرو ٿئي ٿو.
اهڙي رپورٽ تي آءِ جي سنڌ چئن ايس ايڇ اوز، ٻن پوليس اهلڪارن کي نوڪرين مان فارغ ۽هڪ ايس ايڇ او کي جبري رٽائر ڪري ڇڏيو آهي.- Advertisement -
