ملڪ ۾چونڊون نه ٿيون ته  عوام جو وڏو نقصان ٿيندو: خورشيد احمد شاھ

- Advertisement -
اڳوڻي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاھ چيو آھي ته ملڪ ۾چونڊون نه ٿيون ته  عوام جو وڏو نقصان ٿيندو، پنوعاقل جو عوام جنھن کي لائق سمجھي ان کي ووٽ ڏئي. پنوعاقل  ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پ پ اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاھ چيو ته جيڪو سياستدان ڏک سک ۾ عوام سان گڏ ھوندو آھي عوام ان کي ڪڏھن ناھي ڇڏيندو. سندس چوڻ ھو ته سياست ۾ 56 سال ٿيا آھن، پر حڪومت اھا ھجڻ گھرجي جيڪا عوام جي ووٽ سان چونڊجي اچي . اڳوڻي وفاقي وزير  چيوته کين اقتدار جي بک نه آهي، ھو مھانگائي ۽ بيروزگاري ختم ڪرڻ چاهن ٿا. هن چيو ته  پيپلزپارٽي جي قيادت عوام ۽ جمهوريت لاءِ جان جي قرباني ڏني، سندن ليڊرن جي  قرباني ورڪرن لاءِ نه پر عوام لاءِ ھئي. سيد خورشيد شاھه وڌيڪ  چيو ته پاڪستان ۾ سمورا وسيلا موجود آھن، پر وسيلا ڪتب آڻڻ لاءِ پ پ کي ڪڏهن ته صحيح نموني اقتدار  ناھي مليو، ڇاڪاڻ ته 76 سالن ۾ 40 سال ملڪ ۾ مارشلا رھي آھي. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ ڪارڊ کان اڳ ملڪ ۾ 76 سيڪڙو ماڻھن جا سڃاڻپ  ڪارڊ ٺھيل ھيا جيڪي ھاڻي 96 سيڪڙو ٿي ويا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
16.1 ° C
16.1 °
16.1 °
28%
0.8m/s
0%
اڱارو
16 °
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
22 °
ڇنڇر
23 °

تازه ترين خبرون