- Advertisement -
رحيم يار خان جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ 12 پوليس اهلڪارن جي شهيد ۽ 8 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ بعد آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور، ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ ذوالفقار حميد، ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي وسيم سيال ۽ ٻيا اعليٰ عملدار رحيم يار خان پهچي ويا.
پوليس ترجمان موجب آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور ۽ پوليس جا ٻيا اعليٰ عملدار ڪچي ۾ واقعي واري هنڌ ۽ پوليس پڪٽن جو دورو ڪندا.
آءِ جي پنجاب ۽ ٻين عملدارن اسپتال ۾ زخمي اهلڪارن جي عيادت ڪئي.
پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته آءِ جي سنڌ ۽ پوليس جي ٻي اعليٰ قيادت شهيدن جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪندي.
آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ڪوٺايو ويندو، جنهن ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن بابت فيصلو ڪيو ويندو.
آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور چيو آهي ته ڏوهارين جون بزدلاڻيون ڪارروايون پوليس جي جوانن جا حوصلا خطا نٿيون ڪري سگهن.- Advertisement -
