تازه ترين

آءِ جي پنجاب ۽ ٻيا عملدار رحيم يار خان پهچي ويا

- Advertisement -
رحيم يار خان جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ 12 پوليس اهلڪارن جي شهيد ۽ 8 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ بعد آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور، ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ ذوالفقار حميد، ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي وسيم سيال ۽ ٻيا اعليٰ عملدار رحيم يار خان پهچي ويا. پوليس ترجمان موجب آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور ۽ پوليس جا ٻيا اعليٰ عملدار ڪچي  ۾ واقعي واري هنڌ ۽ پوليس پڪٽن  جو دورو ڪندا. آءِ جي پنجاب ۽ ٻين  عملدارن  اسپتال ۾  زخمي اهلڪارن جي عيادت  ڪئي. پوليس ترجمان جو چوڻ آهي  ته آءِ جي سنڌ ۽ پوليس جي ٻي اعليٰ قيادت شهيدن جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪندي. آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ڪوٺايو ويندو، جنهن ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن بابت فيصلو ڪيو ويندو. آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور چيو آهي ته ڏوهارين جون بزدلاڻيون ڪارروايون پوليس جي جوانن  جا حوصلا خطا نٿيون ڪري سگهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33.5 ° C
33.5 °
33.5 °
5 %
2.8kmh
0 %
اڱارو
34 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون