- Advertisement -
وفاقي سرڪار عالمي مالياتي فنڊ آءِ ايم ايف جي تجويز رد ڪندي قبائلي ضلعن لاءِ ٽيڪس ڇوٽ ڏيڻ جي تجويز تيار ڪري ورتي آهي.
ايف بي آر جي ذريعن موجب ايندڙ وفاقي بجيٽ ۾ اڳوڻي فاٽا لاءِ ٽيڪس ڇوٽ ڏيڻ جي تجويز غور هيٺ آهي.
اڳوڻي فاٽا جي ترقي لاءِ امپورٽڊ مشينري تي ٽيڪس ڇوٽ ڏني ويندي.
ذريعن موجب اڳوڻي فاٽا ۾ ڪاروبار ۽ فيڪٽرين تي انڪم ٽيڪس، سيلز ٽيڪس ۽ ايف ايِ ڊي ڇوٽ هوندي، اها ڇوٽ معاشي حالتون بهتر نه هجڻ تي ڏني ويندي.
آءِ ايم ايف طرفان اڳوڻي فاٽا لاءِ ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي.
ايف بي آر ذريعن موجب اڳوڻي فاٽا کي وڌيڪ هڪ سال لاءِ ڇوٽ ڏيڻ جي تجويز تيار ڪئي وئي آهي، اڳوڻي فاٽا جي بائونڊري تي چيڪ پوسٽ قائم ڪرڻ جي به تجويز آهي………..- Advertisement -
