- Advertisement -
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آئيني ترميم تي حڪومت جو مسودو مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو هو، هاڻي چئي رهيا آهن ته اهو سندن مسودو نه هو، پوءِ ڇا اها ساڻن راند کيڏي وئي؟
مولانا فضل الرحمان، پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر سان ملاقات لاءِ سندس رهائشگاهه پهتو، ملاقات دوران موجوده سياسي صورتحال ۽ آئيني ترميمن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسد قيصر سندس گهڻيون مانيون کاڌيون آهن، ان ڪري هو سندس ماني کائڻ آيو.
هن چيو ته حڪومت جو مسودو مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي چئي رهيا آهن ته اهو سندن مسودو ناهي، جيڪو پهريان مسودو فراهم ڪيو ويو، ڇا اها راند هئي؟
مولانا فضل الرحمان چيو ته مطالعو ڪرڻ بعد اهو مسودو ڪنهن به ريت قبولڻ جوڳو نه هو، ان جو ساٿ ڏيڻ قوم سان خيانت هجي ها.- Advertisement -
