- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ آئيني ترميم جي مسودي تي سياست ڪئي، ڪنهن کي به اين آر او نه ملندو، آئيني ترميمن لاءِ وڏي پئماني تي صلاح مشورا جاري آهن، دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سپريم ڪورٽ ڌار ۽ آئيني عدالتون ڌار هونديون آهن، آئيني معاملا آئيني عدالتن ۾ ويندا ته جيئن عام شهرين کي انصاف جي راهه ۾ رنڊڪ نه اچي، پاڪستان ۾ 9 مئي واقعن جا فيصلا اڃا تائين ناهن آيا، آمريڪا ۾ ڪيپٽل هل ڪيس ڪجهه مهينن ۾ انجام تائين پهتو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته آئيني ترميمن لاءِ وسيع پئماني تي صلاح مشورا جاري آهن، سمورين پارٽين نه رڳو ان تي ڳالهيون ڪيون آهن، پر ڪوشش ڪئي ته ان تي اتفاق راءِ پيدا ٿئي.
هن چيو ته پارلياميڻٽ ۾ سمورين پارٽين آئيني ترميمن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي، قانون واري وزير جو ان بابت ڪردار ساراهه جووڳ آهي.
عطا تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ آئيني ترميم جي مسودي تي سياست ڪئي، ڪنهن کي به اين آر او نه ملندو.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سپريم ڪورٽ ڌار ۽ آئيني عدالتون ڌار هونديون آهن، آئيني معاملا آئيني عدالتن ۾ ويندا ته جيئن عام شهرين کي انصاف جي راهه ۾ رنڊڪ نه اچي.
هن چيو ته پاڪستان ۾ 9 مئي واقعن جا فيصلا اڃا تائين ناهن آيا، آمريڪا ۾ ڪيپٽل هل ڪيس ڪجهه مهينن ۾ انجام تائين پهتو.
عطا تارڙ چيو ته مولانا فضل الرحمان سان به آئيني ترميمن تي صلاح مشورا جاري آهن، ان بابت اتفاقِ راءِ پيدا ڪيو پيو وڃي، آئيني ترميم جي مسودي ۾ انصاف جي نظام کي آسان بڻائڻ لاءِ شقون موجود آهن.
وفاقي وزير چيو ته آئيني ترميمن لاءِ وڌيڪ صلاح مشورا ڪري ان کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.- Advertisement -
