- Advertisement -
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته آئيني ترميم تي پي ٽي آءِ بانيءَ سان صلاح مشورا مڪمل ناهن ٿيا.
تحريڪ انصاف جي 5 رڪني وفد بانيءَ سان اڊيالا جيل ۾ملاقات ڪئي، جيڪا سوا ڪلاڪ جاري رهي.
ملاقات بعد پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بئريسٽر گوهر چيو ته آئيني ترميم تي پي ٽي آءِ بانيءَ سان صلاح مشورا مڪمل ناهن ٿيا، هن عمر ايوب، شبلي فراز، علي امين گنڊاپور ۽ ملڪ احمد ڀڇڙ کي طلب ڪيو آهي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ بانيءَ کي ٻڌايو ته آئيني عدالت نه پر بئنچ آهي، جنهن تي هن مولانا فضل الرحمان سان ڳالهيون جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي.
بئريسٽر گوهر چيو ته اهڙي قسم جي آئيني ترميم پري جي ڳالهه پر قانونسازي به قبول ناهي، پي ٽي آءِ باني مڪمل صحت مند آهي.- Advertisement -
