- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته آئيني عدالتون قائم ٿيڻ ۽ ججن جي مقرريءَ جي طريقيڪار ۾ تبديلي ضروري آهي، کين نه ڪاري ڪوٽ ۽ نه ئي آئيني عدالت قائم ڪرڻ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جو آخري واعدو هو، ان کي پورو ڪرڻ لاءِ وڪيل ساٿ ڏين، بلوچستان سان ماٽيلن وارو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ٻوڏ متاثرن جي مسئلي کي سنجيدگيءَ سان ڏسن.
ڪوئيٽا ۾ وڪيلن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هنن سدائين غلط کي غلط چيو، جنهن تي کين به غدار چيو ويو، توهين عدالت جو ڪيس لڳو.
هن چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ امن امان جو مسئلو آهي، بلوچستان عوام ۽ وڪيل دهشتگرديءَ جو نشانو بڻيا، هن صوبي ۾ سمورو نسل متاثر ٿيو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو اهڙي آئيني عدالت بڻائڻ چاهن ٿا، جنهن ۾ چئني صوبن جي برابريءَ جي بنياد تي نمائندگي هجي
ڪوئيٽا ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پرڏيهي وزير طور هن ورلڊ بئنڪ ۽ ٻين ادارن کان فنڊنگ گڏ ڪئي.
هن چيو ته ورلڊ بئنڪ کان گهرن جي نئين سر اڏاوت اڏاوت لاءِ فنڊنگ جو بندوبست ڪيو، بلوچستان جي عوام جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ن ليگ ۽ پ پ وچ ۾ حڪومت ٺاهڻ جو معاهدو ٿيو هو، معاهدي جي شرط هئي ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي پهرين ترجيح هوندي.
پ پ چيئرمين چيو ته وزيراعظم سان گڏجي دنيا آڏو بيهي واعدا ڪيا هئا، وزيراعظم ان ڪانفرنس ۾ ساڻس واعدو ڪيو هو ته ٻوڏ متاثرن کي ضرور پيسا پهچايا ويندا.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ورلڊ بئنڪ کان اڳ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي ان ۾ مدد ڪرڻ گهرجي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي پنهنجي ڪمٽمنٽ ظاهر ڪرڻي آهي، ٻوڏ متاثرن جي معاملي کي سنجيدگيءَ سان ورتو وڃي.
پ پ چيئرمين چيو ته ملڪ جا وسيلا گهٽ آهن، بلوچستان جا ان کان به گهٽ آهن، جيئن هلي پيو، اها صوبي سان انصافي آهي، لڳي پيو ته بلوچستان سان ماٽيلين وارو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي..- Advertisement -
