- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس منيب اختر طرفان ٻڌڻيءَ جي معذرت تي رمارڪس ڏنا آهن ته سپريم ڪورٽ ڪم بند نٿي ڪري سگهي، کين هتي رڳو ڪيس جا فيصلا ڪرڻ جي پگهار ملندي آهي.
سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 ايَ جي تشريح واري فيصلي تي نظرثاني اپيلن جي ٻڌڻي دوران جسٽس منيب جي نه اچڻ تي چيف جسٽس چيو ته جسٽس منيب کي درخواست ڪئي ويندي ته هو بئنچ جو حصو بڻجي.
هن چيو ته نظرثاني ۾ هڪ اهم نڪتو آهي، جيڪو عام طور تي گورننس کي متاثر ڪري رهيو آهي، جسٽس منيب اڄ به ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي ۽ هو ٽي روم ۾ به موجود هو.
چيف جسٽس چيو ته هڪ ڀيرو بئنچ ٺهي وڃي ته سموري ڪارروائي عوام آڏو ٿيڻ گهرجي، جسٽس منيب اختر نه آيو ته سڀاڻي ٻئي دستياب جج کي سندس جاءِ تي شامل ڪيو ويندو.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته پارليامينٽ جي قانون جي اها نيت ناهي ته آئيني حقن جا فيصلا نه ٿين ۽ سپريم ڪورٽ جي اسٽينڊ سٽل ٿي وڃي، جيڪڏهن ڪو ميمبر شريڪ نه ٿو ٿيڻ چاهي ته اها سندس مرضي آهي.
چيف جسٽس چيوته سپريم ڪورٽ ڪم بند نه ٿي ڪري سگهي.- Advertisement -
