- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير، قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي مان ۾ افطار ڊنر ڏنو.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم مينر طرفان راولپنڊي ۾ قومي ٽيم جي مان ۾ افطار ڊنر ڏنو ويو، جنهن ۾ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي سميت ڪرڪيٽ بورڊ آفيشلز به شرڪت ڪئي.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب ڪرڪيٽرن بهترين تربيت ۽ راندين ۾ فوج جي حمايت تي آرمي چيف جا ٿورا مڃيا.
آرمي چيف، رانديگرن جي مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير قومي ڪرڪيٽ ٽيم ڪپتان بابر اعظم کي شيلڊ پڻ پيش ڪئي.- Advertisement -
