- Advertisement -
9مئي ڪيسن ۾ ملوث سزا ٻڌايل ويهن ڄڻن کي آرمي چيف جنرل عاصم منير طرفان رعايت ڏيڻ بعد آزاد ڪيو ويو آهي.
سپريم ڪورٽ جي هدايت ۽ انساني همدرديءَ جي بنياد تي آرمي چيف جنرل عاصم منير 9 مئي ڪيسن ۾ ملوث ويهن ڄڻن جي سزا معاف ڪري ڇڏي.
اهي جوابدار 9 کان 10 مهينا سزا ڪاٽي چڪا آهن، کين کي 6 ۽ ست اپريل تي آزاد ڪيو ويو.
آزادي ماڻيندڙن ۾ محمد ادريس، نادر خان، لال شاهه، محمد فيصل، حسن شاڪر، محمد انس ۽ عبدالجبار شامل آهن.
شهريار ذوالفقار، عبدالله عزيز، عبدالستار، راشد علي ۽ عمر محمد کي به آزاد ڪيو ويو.
آزادي ماڻيندڙن جو تعلق راولپنڊي، لاهور، گجرانوالا، دير ۽ مردان سان آهي.
اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ جوابدارن جي آزادي بابت سپريم ڪورٽ کي لکت ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو ته راولپڻڊي جي اٽن جوابدارن کي هڪ هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي، ان کانسواءِ لاهور جي ٽن ۽ گجرانوالا جي پنجن جوابدارن کي هڪ هڪ سال سزا ٻڌائي وئي.
اٽارني جنرل چيو ته آزاد ٿيندڙن ۾ دير جا 3 ۽ مردان جو هڪ جوابدار شامل هو.
رپورٽ ۾ چيو يو ته آزاد ٿيندڙ مان ڪنهن به جوابدار پنهنجي سزا مڪمل نه هئي هئي، آرمي چيف جنرل عاصم منير کين عيد کان اڳ رعايت ڏني.- Advertisement -
