تازه ترين

آرمي چيف چيو آهي ته سمگلنگ ۾ ملوث اهلڪارن جو ڪورٽ مارشل ٿيندو، سمگلنگ ۾ ملوث طاقتور عنصرن کي روڪيو پيو وڃي: سرفراز بگٽي

- Advertisement -
نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته آرمي چيف چيو آهي ته سمگلنگ ۾ ملوث اهلڪارن جو ڪورٽ مارشل ٿيندو، سمگلنگ ۾ ملوث طاقتور عنصرن کي روڪيو پيو وڃي، ڪو ڪيترو به وڏو ماڻهو ڇو نه هجي، ساڻس ڪا به نرمي نه ڪئي ويندي،  هو دهشتگردي جو خاتمو آڻيندا، بندوق جي زور تي ڪنهن کي پنهنجي ايجنڊا مڙهڻ نه ڏني ويندي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته سمگلنگ روڪڻ لاءِ هڪ مهينن دوران حاصل نتيجن بابت هو ٻڌائڻ چاهي ٿو، حڪومت ڪڻڪ، کنڊ،  ڀاڻ ۽ تيل جي سمگلنگ روڪي. هن چيو ته اينٽي سگلنگ لاءِ گڏيل چيڪ پوسٽون قائم ڪيو آهي، جن ۾ ڪسٽم، فرنٽيئر ڪور ۽ سمورا ادارا  شامل آهن. نگران گهرو وزير چيو ته طاقتور عنصرن کي به روڪيو پيو وڃي، ڪو ڪيترو به وڏو ماڻهو ڇو نه هجي، ساڻس ڪا به نرمي نه ڪئي ويندي، ملوث آفيسرن خلاف انڪوائري جاري آهي. سرفراز بگٽي چيو ته  اهو چوڻ غلط هوندو ته سمگلنگ ۾ سڪيورٽي فورسز شامل نه هيون، ڇاڪاڻ ته سملگنگ اُٺــَن نه پر ٽرڪن تي ٿي رهي هئي. هن چيو ته هو ان گڏجاڻي ۾ شريڪ هو، جنهن ۾ آرمي چيف پنهنجن ماڻهن کي واضح چيو ته سملنگ ۾ ملوث آفيسرن توڙي اهلڪارن جو نه رڳو ڪورٽ مارشل ٿيندو پر  جيل به ويندا. نگران وفاقي گهرو وزير چيو ته پاڪ فوج جو پنهنجو حساب جو نظام آهي، جيڪو هنن 9 مئي تي ڏٺو. سرفراز بگٽيءَ چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ دهشتگردي ۾ واضح گهٽتائي ٿيندي، دهشتگرد ڌماڪا ڪري دٻاءُ وجهڻ چاهن ٿا پر ان سندن غلط فهمي آهي، هو پوئتي نه هٽندا، بندوق جي زور تي ڪنهن کي پنهنجي ايجنڊا مڙهڻ نه ڏني ويندي. سرفراز بگٽي چيو ته ڊالر جي سمگلنگ ۽ حوالا هنڊي جي خاتمي لاءِ هڪ هزار 68 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، نارڪوٽڪس خلاف به مهم جاري آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.5 ° C
22.5 °
22.5 °
28 %
2.2kmh
0 %
آچر
34 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون