- Advertisement -
ارسا پاڻي جي فارمولي تي عمل ڪرڻ بدران ربيع جي مد لاءِ ٽه رخي فارمولي تحت پاڻي جي ورڇ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن تي سنڌ پاران احتجاج ڪيو ويو.
ارسا اجلاس ربيع جي مند جي لاءِ پاڻي پلان جي 15 سيڪڙو کوٽ سان منظوري ڏيندي، ايڪٽ تي عمل ڪرڻ بجاءِ ٽه رخي فارمولي تحت پاڻي جي ورهاست ڪري ڇڏي.
ارسا جو اجلاس چيئرمين اسجد امتياز جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ سنڌ مان ايريگيشن جي عملدارن جمال ابڙي ۽ شهباز خان شرڪت ڪئي، بلوچستان جو ميمبر عبدالحميد مينگل، ڪي پي ڪي جو زاهد عباس ۽ پنجاب جي امجد سعيد شريڪ ٿيا.
اجلاس ۾ ربيع جي مند لاءِ پاڻي ورهاست بابت غور ڪيو ويو ۽ ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي سفارشن جو جائزو ورتو ويو.
ارسا اجلاس ۾ پاڻي ارسا ايڪٽ جي پيرا ٽو تحت ورهاست ڪرڻ بدران ٽه رخي فارمولي تي ورهائي ڇڏيو، جنهن تي سنڌ ميمبرن سخت احتجاج ڪيو ۽ چيو ته پاڻي ارسا ايڪٽ تحت ورهايو وڃي.
پنجاب پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته پيرا ٽو وارو معاملو سي سي آءِ ۾ آهي، جيستائين اتان معاملو حل نه ٿيندو ان وقت تائين پاڻي ٽه رخي فارمولي تحت ورهايو ويندو.
ارسا اجلاس ۾ صوبن ۾ 15 سيڪڙو کوٽ سان پاڻي ورهاست ڪئي وئي، جنهن تحت سنڌ جي حصي 14 ڏهائي 8 ايم ايف بدران سنڌ کي 12 ڏهائي 8 ايم ايف پاڻي ڏنو ويندو.
اجلاس ۾ پنجاب پاران پاڻي لاسز تي به اعتراض ڪيو ويو جڏهن ته سنڌ جو موقف هو ته پاڻي جا لاسز 10 سيڪڙو رکيا وڃن، پنجاب جو موقف هو ته اهو 4 سيڪڙو ڪيو وڃي، جنهن کانپوءِ اجلاس ۾ 8 سيڪڙو پاڻي لاسز جي منظوري ڏني وئي.
اجلاس ۾ ڊيمن ۾ 1.24 ايم ايف ذخيرو ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي ته جيئن آڳاٽي ربيع ۾ ڪتب آڻي سگهجي…….- Advertisement -
