- Advertisement -
آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل وزيراعظم راجا فيصل ممتاز راٺوڙ عهدي جو قسم کڻي ورتو.
آزاد ڪشمير اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر نئين چونڊيل وزيراعظم راجا فيصل راٺوڙ کي قسم کڻايو.
قسم کڻڻ واري تقريب ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر، گلگت بلتستان جو گورنر مهدي شاهه، ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ اسيمبلي ميمبرن سميت اعليٰ سول ۽ فوجي اختيارين به شرڪت ڪئي.
آزاد ڪشمير جي 16هين وزيراعظم جو قسم کڻڻ واري فيصل راٺوڙ جو چوڻ هو ته آصف علي زرداري، فريال ٽالپر ۽ بلاول ڀٽو زرداري جو ٿورائتو آهي جن هي ذميواري ڏني آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪ آرمي کي ڀيٽا پيش ڪريان ٿو جيڪي جانين جون قرباني ڏئي اسان جو دفاع ڪري رهي آهي.
وزيراعظم فيصل راٺوڙ جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي عوام سان ٻيهر رشتو جوڙڻ جي ذميواري کنئي آهي.- Advertisement -
