- Advertisement -
آزاد ڪشمير جي 18رڪني ڪابينا پنهنجي عهدن جو قسم کڻي ورتو آهي.
صدر بيرسٽر سلطان محمود جي بيماريءَ سبب اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر ڪابينا جي ميمبرن کي قسم کڻايو.
20رڪني ڪابينا ۾ 18 وزير ۽ ٻه صلاحڪار شامل آهن، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم راجا فيصل ممتاز راٺوڙ به قسم کڻڻ واري تقريب ۾ موجود هو.
آزاد ڪشمير حڪومت جي ٻن مشيرن به پنهنجي عهدي جو قسم کڻي ورتو.
قسم کڻندڙ وزيرن ۾ سردار جاويد ايوب، ميان وحيد، جاويد، ملڪ ظفر، ديوان چغتائي، چوڌري ارشد، قاسم مجيد، ضيا القمر، چوڌري رشيد، نبيلا ايوب، رفيق نيئر، ياسر سلطان، بازل نقوي، عامر ياسين ۽ محم حسين شامل آهن.- Advertisement -
