- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ به دانش اسڪولن جو ڄار وڇايو ويندو، ڪشمير ڪاز سان وابستگي مضبوط آهي.
آزاد ڪشمير ۾ دانش اسڪول جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته آزاد ڪمشير ۾دانش اسڪول جي شروعات ڪرڻ تي خوشي آهي، ملڪ ۾ دانش اسڪول نه هجن ها ته ڪيترائي ٻار ۽ ٻارڙيون تعليم کان محروم ٿي وڃن ها.
هن چيو ته نوازشريف جي قيادت ۾ دانش اسڪولن جي شروعات ڪئي، دانش اسڪول ڏاهپ ۽ علم جو مرڪز آهن، ٻارن جو سئو سيڪڙو خرچ وفاقي حڪومت برداشت ڪندي.
شهبازشريف چيوته آزاد ڪشمير ۾به دانش اسڪولن جو ڄار وڇايو ويندو.
شهبازشريف چيو ته والاريل والاريل ڪشمير جي وادي شهيدن جي رت سان رڱيل آهي، اتان جو عوام آزادي جي جنگ وڙهي رهيو آهي.
وزيراعظم چيو ته ڀارتي فوج ڪشميري عوام تي ظلم جا جبل ڪيرائي رهيو آهي، ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ڪيو وڃي- Advertisement -
