- Advertisement -
پي ٽي آءِ حڪومت سان ڳالهين جي چوٿين دور ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري ڪميٽيءَ جي ميمبر عمر ايوب چيو ته پي ٽي آءِ ڳالهين واري ڪميٽيءَ جي چوٿين رائونڊ ۾ شرڪت نه ڪندي.
هن چيو ته ڳالهين جي چوٿين دور کان اع جڊيشل ڪميشن قائم ٿيڻ ضروري آهي، ان جي قائم ٿيڻ تائين هو ڳالهين ۾ نه ويهندا.
عمر ايوب چيوته پي ٽي آءِ باني جون واضح هدايتون آهن، حڪومت عدالتي ڪميشن نه ٺاهيندي ته ڳالهين جو ڪو به فائدو ناهي، تنهن ڪري هو حڪومت سان ڳالهين جي چوٿين رائونڊ ۾ نه ويهندا.
هوڏانهن حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي ڪنوينر عرفان صديقي چيو ته عدالتي ڪميشن ٺهڻ يا نه ٺهڻ بابت اڃا تائين ڪو فيصلو ناهي ٿيو.
هن چيو ته 28 جنوري تي پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري ٽيم سان چوٿون گڏيل اجلاس ٿيندو.- Advertisement -
