- Advertisement -
آزاد ڪشمير ۾ حڪومت سازي لاءِ صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، آصف علي زرداري، شهباز شريف کي آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ٺاهڻ بابت فيصلي تي اعتماد ۾ ورتو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم مسلم ليگ آزاد ڪشمير معاملن بابت ڪميٽي کي پيپلزپارٽي سان ڳالهين جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو.
ذريعن موجب، مسلم ليگ نون جي ڪميٽي ۾ احسن اقبال، راڻا ثناءُ الله ۽ امير مقام شامل آهن، پيپلزپارٽي سان ڳالهين کان اڳ ڪميٽي مسلم ليگ آزاد ڪشمير سان صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن.
آزاد ڪشمير ۾ مسلم ليگ نون جي پارلياماني پارٽي پهريان ئي مخالف ڌر ۾ ويهڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي.
پيپلزپارٽي، مسلم ليگ نون جي حمايت سان آزاد ڪشمير ۾ پنهنجو وزيراعظم آڻڻ چاهي ٿي.
مسلم ليگ نون نه مڃيو ته پيپلزپارٽي 20 فار ورڊ بلاڪ جي ميمبرن سان رابطو ڪندي…….- Advertisement -
