- Advertisement -
آسٽريليا جي وزيراعظم انٿوني البانيز سڊني ۾ موجود پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي جي اعزاز ۾ دعوت جو اهتمام ڪيو ويو.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا جي سيريز جي ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ کيڏڻ لاءِ سڊني ۾ موجود آهي جتي آسٽريلوي وزيراعظم پاڪستان ۽ آسٽريليا ڪرڪيٽ ٽيمن جي مان ۾ دعوت جو اهتمام ڪيو.
دعوت ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن سان گڏ بورڊ جي مينيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪا اشرف ۽ سي اي او سلمان نصير به شرڪت ڪئي.
ان کان علاوه آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم ۽ بورڊ جا عملدار به ان موقعي تي مو جود هئا.
ان موقعي تي آسٽريلوي وزيراعظم چيو ته کيس اميد آهي ته پاڪستان ٽيم ميلبرن وانگر سڊني ۾ به سٺي راند کيڏندي.
واضع رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ سيريز جي ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ٽي جنوري کان سڊني ۾ کيڏي ويندي.- Advertisement -
