- Advertisement -
دادو ڀرسان رينجرز جي گاڏيءَ تي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ 2 جوان زخمي ٿي پيا جن کي حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو.
هيتم جتوئي ڦاٽڪ وٽ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن رينجرز جي گاڏيءَ تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا، اطلاع تي پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهتي.
ايس ايس پي دادو سبير سيٺار جو چوڻ آهي ته زخمي اهلڪارن۾ لانس نائيڪ شريف ۽ ڊرائيور عثمان شامل آهن جن کي شروعاتي طبي امداد ڏين کانپوءِ وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي.
ايس ايس پي شبير سيٺار جو وڌيڪ چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.- Advertisement -
