- Advertisement -
آسٽريليا آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي 2025ع لاءِ شروعاتي 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
19فيبروري کان پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ شروع ٿيندڙ چيمپئنز ٽرافي ۾ آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي قيادت پيٽ ڪمنز ڪندو.
تجربيڪار بيٽر ٽريوس هيڊ ۽ آل رائونڊر مارڪس سٽوئنس جي ون ڊي ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي.
آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي لاءِ اسٽريلوي اسڪواد ۾ ڪپتان پيٽ ڪمنز، اليڪس ڪيري، نيٿن ايلس، ايرون هارڊي، جوش هيزل ووڊ، ٽريوس هيڊ، جوش انگلس، مارونس لبوشن ۽ مچل مارش شامل آهن.
گلين ميڪسويل، ميٿيو شارٽ، سٽيو سمٿ، مارڪس سٽوئنس ۽ ايڊم زمپا کي به 15 رڪني اسڪواڊ جو حصو بنايو ويو.
15رڪني اسڪواڊ آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي کان اڳ سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز به کيڏندو.- Advertisement -
