- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جي نياڻي خاتون اول پ پ ايم اين اي آصفه ڀٽو زرداري ۽ پنهنجي ماسي صنم ڀٽو سان گڏجي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيدن جي آخري آرامگاهه تي حاضري ڀري فاتحه خواني ڪئي آهي.
خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري پنهنجي ماسي صنم ڀٽو سان گڏ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچي شهيدن جي آخري آرامگاهه تي حاضري ڀري.
آصفه ڀٽو زرداري ۽ صنم ڀٽو، اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، سندس گهرواري مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو، اڳوڻي وزيراعظم شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، پ پ شهيد ڀٽو جي باني شهيد مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو جي آخري آرامگاهه تي حاضري ڀري.
آصفه ڀٽو زرداري ۽ سندس ماسي صنم ڀٽو شهيدن جي آخري آرامگاهه تي گل نڇاور ڪري فاتحه خواني ڪئي آهي.
خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري ۽ صنم ڀٽو شهيدن جي آخري آرامگاهه تي قرآن پاڪ جي تلاوت ڪري ايثال ثواب لاءِ دعا پڻ گهري.
خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري ۽ صنم ڀٽو شهيدن جي آخري آرامگاهه تي آمد کان اڳ عام ماڻهن کان خالي ڪرائي سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا………- Advertisement -
