- Advertisement -
ملڪ کي آڏو معاشي چئلينجن سبب صدر آصف علي زرداريءَ پگهار نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ايوان صدر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته صدر آصف علي زرداريءَ پنهنجي پگهار نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
بيان ۾ چيو ويو ته اِهو فيصلو صدر معاشي چئلينجن کي نظر ۾ رکندي ڪيو، آصف علي زرداريءَ جي ان فيصلي جو مقصد ملڪ ۾ مالياتي انتظام جو حوصلو وڌائڻ آهي.
ايوان صدر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته صدر قومي خزاني تي بار نه وجهڻ جو فيصلو ڪندي پگهار نه وٺڻ کي ترجيح ڏني.- Advertisement -
