- Advertisement -
آصف علي زرداري ڳري اڪثريت سان ٻيو ڀيرو ملڪ جو صدر چونڊجي ويو آهي، آصف علي زرداريءَ 411 اليڪٽورل ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته سندس مخالف اميدوار محمود خان اچڪزئي 181 ووٽ کڻي سگهيو.
حڪومتي اتحاد جو اميدوار آصف علي زرداري ملڪ جو 14هون صدر چونڊجي ويو آهي، سينيٽ قومي اسيمبلي، سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان اسيمبلي ۾ آصف زرداريءَ ميدان ماريو، جڏهن ته ڪي پي اسيمبلي ۾ محمود خان اچڪزئيءَ ڪاميابي ماڻي آهي.
سينيٽ، قومي اسيمبلي ۽ چئني صوبائي اسيمبلي ۾ صدارتي اليڪشن لاءِ ووٽنگ ٿي، ميمبرن صبح کان شام چئين وڳي تائين ووٽ جو حق استعمال ڪيو.
صدارتي چونڊ ۾ حڪومتي اتحاد طرفان آصف زرداري ۽ محمود خان اچڪزئي مخالف ڌر جو اميدوار هو.
پارليامينٽ هائوس ۾ آصف زرداريءَ 255 ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته محمود خان اچڪزئي 119 ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته هڪ ووٽ ضايع ٿيو.
پرزائيڊنگ آفيسر نتيجن جو اعلان ڪيو ته پ پ اميدوارن طرفان آصف زرداريءَ جي حق ۾ نعريبازي ڪئي، جڏهن ته ميمبر آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداريءَ سان ملي کين واڌايون ڏنيون.
مخالف ڌر جي صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئيءَ آصف زرداريءَ سان ملاقات ڪري صدر چونڊجڻ کيس واڌايون ڏنيون.
پنجاب اسيمبلي ۾ 352 ووٽ ڪاسٽ ٿيا، جن مان 6 رد ٿيا، پنجاب اسيمبلي ۾ آصف زرداري کي 246 ووٽ مليا ۽ محمود خان اچڪزئي 100 مليا، پنجاب اسيمبلي مان آصف زرداريءَ 43 ڏهائي 157 اليڪٽورل ووٽ مليا، جڏهن ته محمو خان 17 ووٽ کنيا.
سنڌ اسيمبلي ۾ 160 ميمبرن ووٽ ڏنو، جن مان آصف زرداري 151 ووٽ مليا ۽ محمود خان اچڪزئي 9 ووٽ حاصل ڪيا، سنڌ اسيمبلي ۾ آصف زرداري جي اليڪٽورل ووٽن جو انگ 58 آهي ۽ محمود خان 3 اليڪٽورل ووٽ کڻي سگهيو.
بلوچستان اسيمبلي جي 62 مان 47 ميمبرن صدارتي چونڊ لاءِ ووٽ ڏنا، جڏهن ته جي يو آءِ جي ٻارهن، بي اين پي، جماعت اسلامي ۽ حق ڏيو تحريڪ جي هڪ هڪ ميمبر چونڊ عمل جو بائيڪاٽ ڪيو.
پرزائيڊنگ آفيسر جسٽس نعيم اختر افغان نتيجن جو اعلان ڪندي چيو ته بلوچستان اسيمبليءَ مان آصف زرداري 47 ووٽ حاصل ڪيا، محمود خان اچڪزئي ڪو به ووٽ حاصل نه ڪيو.
ڪي پي اسيمبليءَ ۾ وري مخالف ڌر جي اميدوار محمود خان اچڪزئيءَ ميدان ماري ورتو، جتي 118 مان 109 ووٽ ڪاسٽ ٿيا ۽ هڪ رد ٿيو، محمود خان اچڪزئيءَ 91 ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته آصف زرداريءَ کي 17 ووٽ مليا، ڪي پي اسيمبلي مان محمود خان کي 41 اليڪٽورل ووٽ مليا، جڏهن ته آصف زرداريءَ 7 ڏهائي 62 اليڪٽورل ووٽ حاصل ڪيا.
اليڪشن ڪميشن صدارتي چونڊ جي نتيجن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن موجب صدارتي چونڊ ۾ آصف علي زرداري کي 411 ووٽ مليا ۽ محمود خان اچڪزئيءَ 181 حاصل ڪيا.
اليڪشن ڪميشن موجب مجموعي طور هڪ هزار 44 ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا، جن مان 9 ووٽ رد ڪيا ويا- Advertisement -
