انڊونيشيا ۾ اڏام دوران ٻنهي پائليٽس کي ننڊ اچي وئي

- Advertisement -
انڊونيشيا ۾ اڏام جي دوران ٻئي پائليٽ هڪ هڪ ڪري سمهي پيا جنهن بعد جهاز جو رخ تبديل ٿي ويو ۽ خوش قسمتي سان جهاز وڏي حادثي کان محفوظ رهيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اهو واقعو 25 جنوري 2024ع کي ان وقت پيش آيو جڏهن باتيڪ ايئرلائنز جي فلائٽ ID6723   اتر انڊونيشيا جي علائقي سولاويسي کان جڪارتا وڃي رهي هئي. واقعي جي شروعاتي رپورٽ جاري ڪئي وئي جنهن موجب اڏام کي 32 ۽ 28 ورهين جا پائليٽ اڏائي رهيا هئا ۽ 28 منٽ تائين جهاز بنا پائليٽ جي اڏام ڪندو رهيو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته جيئن ئي جهاز مقامي وقت موجب تقريبن 08:37 تي آسمان جي بلندي تي پهتو ته پائليٽ فرسٽ آفيسر کان پڇيو ته هو سمهي سگهي ٿو؟ فرسٽ آفيسر رضامندي ظاهر ڪئي ۽ پائليٽ سمهي پيو. فرسٽ آفيسر ايندڙ 40 منٽ تائين پائليٽ جو ڪم سنڀاليو ۽ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول سان رابطي ۾ رهيو پر ڪجهه دير بعد هو پاڻ به سمهي پيو ۽ ايئر ٽريفڪ سان رابطو ڪٽجي ويو، 28 منٽن تان جهاز بنا پائليٽ جي اڏامندو رهيو، جهاز ۾ 153 مسافرن سميت 157 ڄڻا سوار هئا. پائليٽ جي اک کلي ته خبر پئي جهاز صحيح رستي تي نه آهي ۽ هن پنهنجي ساٿي کي اٿاريو ۽ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول کي جواب ڏنو…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.7 ° C
19.7 °
19.7 °
40%
2.7m/s
0%
اربع
19 °
خميس
28 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
30 °

تازه ترين خبرون