گڏيل عرب رياستن جي رياست عجمان ۾ گيس ليڪ ٿيڻ سبب ڀان سيد آباد واسي پيءُ ۽ ڌيءُ فوت

- Advertisement -
گڏيل عرب رياستن جي رياست عجمان ۾ گيس ليڪ ٿيڻ سبب ڀان سيد آباد واسي پيءُ ۽ ڌيءُ فوت ٿي ويا، سندن مڙهه رات دير سان پي آءِ اي جي اڏام ذريعي ڏيهه آندا ويندا ۽ سڀاڻي اباڻي ڳوٺ ۾ جنازي نماز بعد مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويندا. گڏيل عرب رياستن جي رياست عجمان ۾ گيس ليڪ ٿيڻ سبب ڀان سيد آباد واسي غلام عباس سيهڙو ۽ سندس ٽن ورهين جي نياڻي حرا فوت ٿي ويا. سنڌ فرينڊس فورم گڏيل عرب رياستن جي ڪوششن سان اڄ رات پي آئي اي اڏام ذريعي پيءُ ۽ ڌيءَ جا مڙهه ڏيهه آندا ويندا. پيءُ ۽ ڌيءَ جي جنازي نماز سڀاڻي صبح 11 بجي ڀان سيدآباد جي ڳوٺ تاجوجي ميرمحمد سيهڙو ۾ ادا ڪئي ويندي. جنازي نماز بعد مڙهه ڳوٺ جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويندا………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.7 ° C
19.7 °
19.7 °
40%
2.7m/s
0%
اربع
19 °
خميس
28 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
30 °

تازه ترين خبرون