انساني اسمگلنگ پاڪستان لاءِ سموري دنيا ۾ بدنامي جو سبب بڻجندي آهي:وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز  شريف انساني اسمگلنگ کي پوري دنيا ۾ پاڪستان لاءِ بدنامي جو ڪارڻ قرار ڏيندي ان جي روڪٿام لاءِ لاڳاپيل ادارن کي اثرائتي رابطي تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾وزيراعظم انساني اسمگلرن جي سهولتڪاري ۾ ملوث ايف آءِ اي اهلڪارن جي نشاندهي ۽ انهن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي. شهباز شريف چيو ته 2023 ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ واري حادثي کانپوءِ ذميدارن خلاف ڪارروائي ۾ انتهائي سستي کان ڪم ورتو ويو پر هاڻ ذميوار آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي. وزيراعظم انساني اسمگلنگ بابت جاري جاچ جلد مڪمل ڪري ٺوس سفارشون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. شهباز شريف جو چوڻ هو ته انساني اسمگلنگ پاڪستان لاءِ سموري دنيا ۾ بدنامي جو سبب بڻجندي آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
11.7 ° C
11.7 °
11.7 °
43%
1.2m/s
43%
اڱارو
22 °
اربع
22 °
خميس
23 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون