فلسطيني صدر محمود عباس چيو آهي ته آمريڪا جي ڏنل جرئت سان ئي اسرائيل غزا جنگ جاري رکيو ويٺو آهي.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي فلسطيني صدر چيو ته آمريڪي حمايت جاري رهندي ته اسرائيلي حملا به جاري رهندا.
هن وڌيڪ چيو ته دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوري ملڪ آمريڪا جو سلامتي ڪائونسل ۾ ٽه ڀيرا غزا جنگ بندي قرارداد کي روڪڻ افسوسناڪ آهي.
فلسطيني صدر جو چوڻ هو ته نيتن ياهو جي پٺڀرائي ۾ آبادڪارن جا دهشتگرد گينگ فلسطيني زمينن تي قبضو ڪري رهيا آهن، هو ڪنهن به صورت ۾ فلسطيني سرزمين کي نه ڇڏيندا.
محمود عباس جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسرائيلي جارحيت خلاف عالمي برادري اسرائيل تي پابندي لڳائيندي.
