- Advertisement -
آمريڪا جي 6 رياستن ۾ ٻوڏ سبب 223 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته سوين ماڻهو گم ٿي ويا آهن.
اتر ڪيرولائنا ۾ سڀ کان وڌيڪ تباهي ٿي، جتي 106 ماڻهو فوت ٿي ويا، 7 لک ماڻهو بجلي کان محروم آهن.
اتر ڪيرولائنا ۾ ٻوڏ سبب سوين گم ٿي چڪا آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته اٽڪل 300 گم ماڻهن جي رپورٽن تي ڪارروائي ڪئي ويئي آهي ۽ انهن مان 270 ماڻهو صحتمند آهن.
پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پوليس ايف بي آءِ ۽ هوم لينڊ سيڪيورٽي انويسٽيگيشنز جي مدد سان 75 گم ماڻهن جي معاملي تي ڪم ڪري رهي آهي.- Advertisement -
