- Advertisement -
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي رات دير سان ڊي چوڪ اسلام آباد جو دورو ڪري مقرر پوليس اهلڪارن کي حوصلو ڏنو.
وفاي گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد جي ڊي چوڪ ۾ فوج جي مقرري جو به جائزو ورتو.
محسن نقوي گهرو وزارت جي ڪنٽرول روم به ويو ۽ اسلام آباد شهر جي مختلف حصن جي مانيٽرنگ جي عمل جو جائزو ورتو.
گهرو وزير سي سي ٽي وي ڪيمرائن ذريعي شهر جي صورتحال جو مشاهدو ڪيو، محسن نقوي کي اسلام آباد جي مجموعي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي.
گهرو وزير جو چوڻ هو ته ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، امن امان ۽ شهرين جي جان مال جي حفاظت اوليت آهي.
ان کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته احتجاج ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي پر ڪنهن کي به ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏيندا.
هن چيو ته تحريڪ انصاف جا ڪارڪن هٿيارن جا حملي آور ٿي رهيا آهن، ڪالهه به درخواست ڪئي هئي ته هينئر جلسا جلوس يا احتجاج نه ڪريو، اسلام آباد جي شهرين کي تڪليف تي معذرت ڪن ٿا.
گهرو وزير جو چوڻ هو ته سندن جيتري فورس آهي غير هٿياربند آهي، وڊيوز ۽ تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جيڪي ماڻهو اچي رهيا آهن، انهن وٽ هٿيار آهن.- Advertisement -
