آمريڪا پاران پوليس هٿان شاهنواز ڪنڀر جي عدالت کان مٿڀري قتل تي ڳڻتي جو اظهار

- Advertisement -
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل چيو آهي ته پاڪستان سميت دنيا ۾ هر هنڌ توهين مذهب جي قانون جي هڪ جيٽري مخالفت ڪندا آهن. واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران عمرڪوٽ ۾ پوليس هٿان ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي عدالت کان مٿڀري قتل بابت سوال تي ويدانت پٽيل چيو ته اهڙا قانون اظهار راءِ جي آزادي، مذهب يا عقيدي جي آزادي سميت انساني حقن ۽ بنيادي آزادين جي استعمال کي خطري ۾ وجهن ٿا. آمريڪا پاڪستان سميت دنيا ۾ هر هنڌ توهين مذهب جي قانون جي هڪ جيٽري مخالفت ڪري ٿو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان عافيه صديقي جي آزادي بابت  خط جي معاملي تي ردعمل ڏيندي چيو ته هو خانگي سفارتي رابطن تي نه ڳالهائيندو. ويدانت پٽيل جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڪيس ۽ قيد بابت ڪنهن به انڪوائري تي ڳالهائڻ لاءِ انصاف واري کاتي سان رابطو ڪري سگهجي ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.9 ° C
19.9 °
19.9 °
52%
2.9m/s
0%
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °
آچر
30 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون